سياهه گوش/ هرولا

سياهه گوش/ هرولا

سياهه گوش/ هرولا

سياهه گوش/ هرولا

سياهه گوش هرولا

سياهه گوش/ هرولا: هن ڪاري ڪنن واري جھنگ ٻلي کي انگريزي زبان ۾ (Files caracal) ۽ اردوءَ ۾ ڪالا ڪال يا سرخ سياهه گوش چيو ويندو آهي. هن ٻلي جو تعلق Filidae نسل سان آهي. ظاهري شڪل شبيهه ۾ هيءُ ٻلو هماليائي سياهه گوش سان ڪي هڪ جهڙايون رکڻ باوجود ڪيترين ئي ٻين خاصيتن ۾ مختلف آهي. هن جي ٻنهي ڪنن مٿان ڊگھن وارن جو ڇڳو هوندو آهي، جنهن سان هو ماحول کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي. منهن گول ۽ موڪرو، پويون ٽنگون اڳين ٽنگن کان ڊگھيون ۽ بت سنهو ٿيندو آهي. ڪنن مٿان وارن جا ڇڳا 40 ملي ميٽرن تائين ڊگھا هوندا آهن ۽ ڳلن تي ڏاڙهيءَ ڪو وار ڪونه ٿئيس، مجموعي جسامت 620 ملي ميٽر (ڊيگھه ۾) ۽ پڇ جي ڊيگھه تقريباً 250 ملي ميٽر ٿئي ٿي. سياهه گوش جا چنبا ويڪرا، پر ڪمزور ٿين ٿا، ننڍي عمر واري سياهه گوش جي ڪنن جي ٻاهرين سطح مڪمل ڪاري رنگ جي ۽ بالغ سياهه گوش جي ڪنن جي صرف ڪناري ڪاري ۽ باقي ٻاهرين سطح سليٽي رنگ جي ٿئي ٿي. هن جون اکيون ڀوري گيڙو رنگ جون، جسم جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل يا ڀوراڻ مائل گلابي رنگ جو ٿئي ٿو. بت جا وار گھاٽا ۽ ننڍا ٿين ٿا، پيٽ ۽ ٽنگن جي اندرئين سطح پيلاڻ مائل ڀوري رنگ جي ٿئي ٿي. منهن تي هڪ ڪاري رنگ جو داغ، مٿئين چپ ۽ اکين مٿان ٻه ٻه ظاهري ليڪون ٿين ٿيون، ڄاڙي جي هيٺين چپ جي چؤڌاري اڇا وار ٿيندا اٿس. پيٽ ۽ ڀرپاسن کان هلڪي رنگ جا ننڍا ننڍا داغ به ٿين ٿا.
پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ سياهه گوش غيرآباد، جابلو ۽ صحرائي علائقن ۾ رهندا آهن. انهن جي غير معمولي ڦڙتي ۽ تيز رفتاري سندن اهم خاصيت آهي، جيڪا انهن کي ٻين ٻلن کان منفرد ۽ امتيازي حيثيت ڏئي ٿي. عام طور تي صبح جي وقت، اونهاري ۾ رات جو ۽ سياري ۾ ڏينهن جي وقت شڪار ڪندا آهن. هن جانور ۾ گهڻن ڏينهن تائين پاڻيءَ کانسواءِ رهڻ جي اهليت هوندي آهي، عموماً پاڻيءَ جي ضرورت پنهنجي شڪار ڪيل جانورن جي جسم مان پوري ڪن ٿا. پنهنجي دفاع لاءِ وڻن تي چڙهي پنهنجي جان بچائين ٿا. اڪثر گھاٽي گاهه جي جھڳٽن، جبلن جي ڏارن ۽ پٿر جي ڍيرن ۾ پنهنجي پناهه گاهه تيار ڪندا آهن يا ٻي صورت ۾ ٻين جانورن جي تيار ڪيل پناهه گاهن تي قبضو ڪندا آهن. سياهه گوش هر قسم جا چوها، سيهڙ، هرڻ، ٻڪريون، رڍون، گدڙ ۽ پکين ۾ تتر، پاريهر وغيره کي شڪار ڪري کائيندو آهي. زمين تي ويٺل پکين جي ولر تي تمام تيزيءَ سان حملو ڪري اک ڇنڀ ۾ 8 کان 10 پکي شڪار ڪري وٺندو آهي، جنهن سان ان جي تيز نظر ۽ شڪار ڪرڻ جي مهارت بابت خبر پوي ٿي.
بيريسن 1968ع جي بيان موجب: سياهه گوش زهريلا نانگ به کائي ويندو آهي ۽ گھڻو وقت بک تي رهڻ سبب انسان تي پڻ حملو ڪندو آهي. (حوالو: پاڪستان ڪي جھنگلي حيات: ڊاڪٽر منظور احمد، صفحو 380)
مادي سياهه گوش 21 مهينن ۾ بالغ ٿئي ٿي، انهن ۾ لڳ جو عرصو اپريل کان نومبر تائين هوندو آهي ۽ تقريباً 70 ڏينهن کانپوءِ هڪ وقت ۾ 2 کان 6 ٻچا ڏيندي آهي. نون ڄمندڙ ٻچن جو رنگ ڀوراڻ مائل پيلسرو هوندو آهي ۽ انهن جون اکيون پيدائش کان 9 - 10 ڏينهن کانپوءِ کلنديون آهن ۽ اهي ٻچا پيدائش کان ٽن مهينن تائين پناهگاهن اندر ئي رهن ٿا.
نسلي واڌويجھه لاءِ انهن جو ڪو خاص وقت مقرر ناهي هوندو، تنهن هوندي به مادي سياهه گوش سال ۾ صرف هڪ ڀيرو ٻچا ڏيندي آهي. هي ٻلا انسانن سان جلد رلي ملي ويندا آهن. عام طور تي انهن جي مجموعي عمر 16 کان 17 سال ٿئي ٿي.
هي جانور پاڪستان ۾ پنجاب جي بهاولپور، صحرائي چولستان، سرگوڌا جي ويجھو صحرائي ٿل، ڪوهستان، ضلعي اٽڪ ۾ ڪالا چٽا جھنگ، سنڌ ۾ لاڙڪاڻو، ٿرپارڪر، بلوچستان ۾ چاغي، خاران، مڪران، قلات، لورالائي ۽ صوبي خيبر پختون خواهه ۾ وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ ملي ٿو. موجوده وقت ۾ پاڪستان اندر سياهه گوش جي آبادي ۾ ايتريقدر گھٽتائي ٿي آهي، جو هي مشڪل سان ڪٿي نظر ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو